ٽالپر ڪرم

ٽالپر، ڪرم: نامياري شاعر ڪرم ٽالپر جو اصل نالو قادر بخش ولد عنايت علي ٽالپر آهي. هن 21 ڊسمبر 1940ع تي ڳوٺ وڏا ٽالپر ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ڪرم ٽالپر 1952ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري طب جو ڪورس مڪمل ڪيو ۽ پوءِ حڪمت جو پيشو اختيار ڪيو. 1965ع ۾ پاڪ فوج ۾ شامل ٿيو، 1971ع واري جنگ دؤران هي ڪشمير محاذ تي مقرر هو. فوج مان 1990ع ۾ جونيئر آفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ ’صوفي دواخانو‘ قائم ڪري حڪمت شروع ڪيائين. ڪرم ٽالپر ستن زبانن، سنڌي، سرائيڪي، هندي، اردو، فارسي، پنجابي ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ۽ سماجي تنظيمن جو رڪن به رهيو آهي. صوفي جلال فقير ۽ صوفي علي محمد فقير ٽالپر جي خاندان سان نسبت رکي ٿو. سندن خاندان ستن پيڙهين کان صوفي تحريڪ جي سلسلي ۾ جهوڪ واري بزرگن سان لاڳاپيل رهيو آهي. سندس ٻه شعري مجموعا ’وڇوڙين وايون‘ (1986ع) ۽ ’دل ديان دانهين‘ (1994ع) ڇپيل آهن. ان کانسواءِ ڏهه کن ڪتاب نثر ۽ نظم ۾ ڇپائيءَ جا منتظر اٿس. سندس لکڻيون اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون. ريڊيو پاڪستان خيرپور تي ڪيترن ئي فنڪارن سندس ڪلام ڳايو آهي. هن ريڊيو جي مختلف پروگرامن جا اسڪرپٽ لکيا آهن. کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور طرفان بهترين ليکڪ جو سرٽيفڪيٽ پڻ مليل آهي. ان کانسواءِ هن کي مختلف علمي ادبي تنظيمن طرفان بهترين شاعر ۽ نثر نويس جا سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون مليل آهن. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي مشهوري ماڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو